تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف بجلي چوري روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کڻڻ جي هدايت

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف بجلي چوري روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اووربلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيمه، سردار اويس احمد خان لغاري، مملڪتي وزير شزا فاطمه، علي پرويز ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ليسڪو، پيسڪو ۽ فيسڪو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪندي چيو ته سمارٽ ميٽر لڳائڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بلنگ جي نظام ۾ شفافيت آڻي سگهجي، بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کنيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي مقرري ۾ سستي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انتهائي شفاف عمل ذريعي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جا چيف ايگزيڪٽو آفيسر مقرر ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ ماڻهن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي وڃي، ڀرتين جي عمل ۾ شفافيت تي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، نيپرا جي ڏنل ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا قطب آندا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون