تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن کي مٿڀرو رکيو ويندو،  پاڪستان آهي ته سڀ آهن، ڳالهين لاءِ اسپيڪر اياز صادق جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي تجويز تي تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثناءَ الله ۽ سينيٽر عرفان الله صديقي شامل آهن. راجا پرويز اشرف، نويد قمر، خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽ چوڌري سالڪ به ڪميٽي جو حصو هوندا. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن کي مٿڀرو رکيو ويندو،  پاڪستان آهي ته سڀ آهن، ڳالهين لاءِ اسپيڪر اياز صادق جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گذريل رات تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق کي ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. بئريسٽر گوهر خان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي آڇ تي زور ڀريو هو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق ٻنهي ڌرين جي ڪميٽين کي سڀاڻي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. حڪومتي ڪميٽي جوڙڻ تي رد عمل ڏيندي اياز صادق چيو ته مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بابت وزيراعظم جو قدم ساراهه جوڳو آهي، نيڪ نيتي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته اسپيڪر آفيس جا دروازا ميمبرن لاءِ هميشه کليل آهن، ڳالهين ذريعي ئي معاملن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ڪميٽين جي ميمبرن کي سڀاڻي ملاقات جي دعوت ڏني آهي، هو ٻنهي ڪميٽين جي ميمبرن سان پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات ڪندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون