- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن کي مٿڀرو رکيو ويندو، پاڪستان آهي ته سڀ آهن، ڳالهين لاءِ اسپيڪر اياز صادق جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي تجويز تي تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثناءَ الله ۽ سينيٽر عرفان الله صديقي شامل آهن.
راجا پرويز اشرف، نويد قمر، خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽ چوڌري سالڪ به ڪميٽي جو حصو هوندا.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن کي مٿڀرو رکيو ويندو، پاڪستان آهي ته سڀ آهن، ڳالهين لاءِ اسپيڪر اياز صادق جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.
گذريل رات تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق کي ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
بئريسٽر گوهر خان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي آڇ تي زور ڀريو هو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق ٻنهي ڌرين جي ڪميٽين کي سڀاڻي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.
حڪومتي ڪميٽي جوڙڻ تي رد عمل ڏيندي اياز صادق چيو ته مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بابت وزيراعظم جو قدم ساراهه جوڳو آهي، نيڪ نيتي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي.
سندس چوڻ هو ته اسپيڪر آفيس جا دروازا ميمبرن لاءِ هميشه کليل آهن، ڳالهين ذريعي ئي معاملن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڳالهين جو عمل اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ڪميٽين جي ميمبرن کي سڀاڻي ملاقات جي دعوت ڏني آهي، هو ٻنهي ڪميٽين جي ميمبرن سان پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات ڪندو- Advertisement -
