- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستاني سفير منير اڪرم چيو آهي ته يون اين اجلاس جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم شهباز شريف جي امريڪي صدر جوبائيڊن سان باقاعده ملاقات طئي ناهي.
امريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم منير اڪرم جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندو، ان کان علاوه وزيراعظم گڏيل قومن جي سڪريٽري جنرل انتوگوتريس سميت ٻين عالمي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو.
سندس چوڻ هو ته افغان طالبان ڪيترن ئي پاليسين تي اختلافن باوجود رابطا ضروري آهن.
هن چيو ته افغانستان سان ڪيترائي مسئلا آهن پر سندن تعلق افغان عوام سان آهي، پاڙيسڙي ملڪ سان تعلق رکڻو آهي.
پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته هو اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت سان حل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکندا…..- Advertisement -
