وزيراعظم شهباز شريف جي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل فلسطين، لبنان مسئلي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽  بهتر پاڙيسري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايران سان رابطا ۽ ثقافتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم غزا ۾ فوري جنگ بندي، فلسطين ۽ لبنان خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. ملاقات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
37%
2.7m/s
0%
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون