وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مصنوعي ذهانت کي هٿي وٺرائڻ بابت اهم اجلاس

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڊيجيٽل معيشيت لاڳو ٿيڻ سان مصنوعي ذهانت ملڪي ترقي کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مصنوعي ذهانت کي هٿي وٺرائڻ بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جو خاص مددگار بلال بن ثاقب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم مصنوعي ذهانت کي هٿي وٺرائڻ ۽ لاڳو ڪرڻ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شهباز شريف چيو ته  ڊيجيٽل معيشيت لاڳو ٿيڻ سان مصنوعي ذهانت ملڪي ترقي کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي. سندس چوڻ هو ته حڪومت آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته مصنوعي ذهانت کي ملڪي معيشيت جي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته مصنوعي ذهانت کي ترقي، صنعتي پيداوار ۾ اضافي، سرڪاري نظام جي شفافيت ۽ نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
30%
4m/s
2%
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون