- Advertisement -
ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان عدنان مگسي کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.
جمعي ڏينهن سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ گاڏي ڦر دوران مزاحمت تي عدنان مگسي قتل ۽ سندس ڀاءُ انيس زخمي ٿي پيو هو.
عدنان مگسي جي جنازي نماز سچل ڳوٺ جي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ پ پ ايم پي اي مير نادر مگسي، وارثن ۽ علائقي واسين سميت مختلف ڌرين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي جو چيو ته نوجوان عدنان مگسي جو قتل افسوس جوڳو عمل آهي.
هن چيو ته شهر ۾ سسٽم ٻيو آ ۽ ڳوٺ ۾ سسٽم ٻيو آهي، ڳوٺن ۾ ڪو ڪنهن کي نقصان ٿو پهچائي ته سمورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو نڪري ٿا پون.
پ پ ايم پي اي چيو ته شهر ۾ ڪجهه ٿئي ته پاڙيسري پڇا به نٿو ڪري، انهيءَ لاءِ هتي ڪرائيم وڌيڪ ٿئي ٿو.
نادر مگسي چيو ته ڏوهه ٿين ٿا، ڪم پوليس جو آهي، واضح ڪرڻ ايڪشن کڻڻ پوليس جو ڪم آهي، جيئن هن واقعي ۾ ايڪشن ٿيو آهي ائين ٿيندو ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿيندي………- Advertisement -
