- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو معاملو غور هيٺ نه آيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.
ذريعن موجب، دوست ملڪن جي سيڙپڪارن کي ويزا فري داخلا ڏيڻ لاءِ گهرو وزارت جي سمري منظوري ڪئي وئي، جڏهن ته سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ دوست ملڪن جي واپارين کي ويزا فري داخل جي اجازت هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 126 ملڪن لاءِ ڊجيٽل ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، 126 ملڪن جي بزنس ۽ ٽورسٽ لاءِ ايندڙن لاءِ ويزا فري انٽري هوندي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا ايس اي سي پي ايڪٽ 1997ع تحت خاص عدالتن جي قيام جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا پاران پاڪستان ۽ ڊنمارڪ وچ ۾ ايم او يو تي صحي جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته نجڪاري ڪميشن جي بورڊ جي ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي به منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، وفاق جي 22-2021ع ۽ 23-2022ع لاءِ پاليسين تي عمل جي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي- Advertisement -
