- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ايف بي آر جي ڪرپٽ ۽ نا اهل آفيسرن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو، 12 آفيسرن کي عهدن تان فارغ ڪيو ويو.
وزيراعظم جي هدايت تي مڪمل جاچ کانپوءِ ان لينڊ روينيو سروس ۽ ڪسٽمز جي 12 آفيسرن کي او ايس ڊي بڻايو ويو.
وزيراعظم ڪرپٽ ۽ نا اهل آفيسرن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا.
ايف بي آر طرفان 12 آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب، گريڊ 21 ۽ 22 جي 12 آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو ۽ سندن خدمتون ايف بي آر ايڊمن پول حوالي ڪيون ويون ويون آهن.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي هي حڪومت جو تاريخي قدم آهي، ايف بي آر ۾ هرسال ليڪيج جون خبرون اينديون هيون ته ايترا ارب نقصان ٿي ويو، ڪليڪشن نه ٿي سگھي، وزيراعظم تاريخي قدم کڻندي ڪيترن ئي ماڻهن کي عهدن تان هٽايو آهي ۽ ڪيترن ئي ملازمن کي نوڪرين تان به فارغ ڪيو ويندو……..- Advertisement -
