- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن واري دوري دوران وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو آهي.
وزيراعظم خانه ڪعبه جو تواف ڪيو ۽ ٻين ميمبرن به عمري جي ادائگي ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف خانه ڪعبه ۾ نفل به ادا ڪيا.
بيت الله جو دروازو کولي وزيراعظم کي زيادت ڪرائي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۽ قوم جي ترقي توڙي خوشحالي ۽ مسلم امت جي ٻڌي لاءِ خاص دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف عالمي امن لاءِ به دعا ڪئي.
وزيراعظم سڄي دنيا جي مسلمانن خاص طور فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ به دعا ڪئي.
وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ به وزيراعظم سان گڏ آهن………- Advertisement -
