وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪراچي ۾ ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪراچي ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيني قيادت ۽ متاثرن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري واقعي جي مذمت ڪئي وئي، سندس چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي، ڪريل حرڪت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، واقعي جا ذميوار پاڪستاني نه پر پاڪستان جا کليل دشمن آهن، جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي، پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪش تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪراچي ايئر پورٽ ويجهو گذريل رات ٿين واقعي تي ڏک ۽ صدمو پهتو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪريل حرڪت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، واقعي جا ذميوار پاڪستاني نه پر پاڪستان جا کليل دشمن آهن.

شهباز شريف چيو ته جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي، پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
30%
4m/s
2%
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون