- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف پاران گڏيل عرب امارتن جي قيادت ۽ عوام کي 53هين قومي ڏهاڙي تي مبارڪ پيش ڪئي وئي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته کين يو اي اي جي ترقي ۽ خوشحالي جي شاندار سفر تي فخر آهي، جيڪا مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي دانشمندي سبب ممڪن ٿي.
سندس چوڻ هو ته جدت جي هن ويزن کي شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم اڳتي وڌيو آهي، پاڪستان هميشه گڏيل عرب امارتن جو ثابت قدم ڀاءُ ۽ ڀائيوار رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو پنهنجي تاريخي ۽ ڀائپي واري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل طور فائديمند اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندا، پاڪستان يو اي اي دوستي زنده باد- Advertisement -
