- Advertisement -
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي چيئرمين ملاقات ڪئي.
شهباز شريف سان تاجڪستان جي هيٺين ايوان جي چيئرمين محمد طائر زاڪر زاده ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اڳواڻن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سطح تي سهڪار جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي به اتفاق ڪيو.
وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارليامينٽ ميمبر ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پارليامينٽ ميمبرن جي وچ ۾ لڳاتار ڳالهين ۽ رابطي جي اهميت تي زور ڏنو.
وزيراعظم تاجڪستان جي آئين جي 30هين سالگرهه تي چيئرمين کي مبارڪ پڻ ڏني.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان پهتل آهي- Advertisement -
