- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف پرائم منسٽر يوٿ پروگرام تحت قرض جي رقم پنج لک رپين مان وڌائي پندرهن لک رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي معاملن بابت جائزه اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف اختيارين کي هدايت ڪئي ته ننڍي ۽ وچولي درجي کي ڪاروبار جي سهولت ڏيڻ لاءِ تفصيلي سروري جلد مڪمل ڪئي وڃي.
شهباز شريف هدايت ڪئي ته پرائم منسٽر يوٿ پروگرام تحت قرض جي رقم پنج لک رپين مان وڌائي پندرهن لک رپيا ڪئي وڃي.
وزيراعظم چيو ته سهولتن کي عالمي گهرجن موجب ڪرڻ لاءِ ترقي يافته ملڪن جا ماڊل لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
شهباز شريف چيو ته ننڍي پيماني تي ڪاروبار ڪندڙ عورتن لاءِ خاص پيڪيج ٺاهي جلد پيش ڪيو وڃي.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو ملڪ جي ننڍي ۽ وچولي درجي کي ڪاروبار جي سهولت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن، سڄي دنيا ۾ ايس ايم ايز معيشيت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
شهباز شريف چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته ايس ايم ايز کي هٿي وٺرائي ته جيئن ملڪ جون شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ اضافو ٿئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، نوجوان ۽ عورتون نه رڳو پاڻ روزگار ڪن پر روزگار جا موقعا به پيدا ڪن.- Advertisement -
