وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بچاءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بچاءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. بچاءَ واري ڏهاڙي جي شروعات اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿي. فجر جي نماز بعد مسجدن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون. بچاءَ واري ڏهاڙي جي مک تقريب رات اٺين وڳي جي ايڇ ڪيو ۾ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف تقريب جو خاص مهمان هوندو، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير، اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت به شرڪت ڪندي. مک تقريب دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي گل رکندا. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير خطاب به ڪندا. نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي خاص تقريب ٿي. وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي. ميجر شبير شريف جي مزار تي تقريب ڪوٺائي وئي. جِي او سي ميجر جنرل رائو عمران سرتاج آرمي چيف طرفان مزار تي گل رکيا……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
40%
1.1m/s
0%
جمعو
20 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون