- Advertisement -
وفاقي حڪومت 24 سرڪاري ادارن کي ٽن مرحلن ۾ خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان سرڪاري ادارن کي خانگائڻ بابت تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
خانگاهڻ واري وفاقي وزير طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب، پهرين هڪ سال ۾ ڏهن ادارن کي خانگايو ويندو، ان کانپوءِ ايندڙ هڪ کان ٽن سالن ۾ 13 ادارن کي خانگايو ويندو ۽ هڪ اداري کي خانگاهڻ لاءِ 3 کان 5 سال جو آخري مرحلو هوندو.
قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل جواب موجب، پهرين مرحلي ۾ پي آءِ اي، روز ويلٽ هوٽل ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ کي خانگايو ويندو، آئسڪو سميت ٽن بجلي ڪمپنين کي به پهرين مرحلي ۾ خانگايو ويندو.
عبدالعليم ٻڌايو ته ٻئي مرحلي ۾ يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن ۽ چئن جنڪوز کي خانگايو ويندو، ليسڪو سميت ڇهن ڊسڪوز کي به ٻئي مرحلي ۾ خانگايو ويندو.- Advertisement -
