- Advertisement -
وفاقي حڪومت ڪفايت شعاري ڪاميٽي جي منظوري کانپوءِ ڪابنيا جي ميمبرن لاءِ 25 نيون گاڏيون خريد ڪري ورتيون آهن.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري بعد ڪابينا ڊويزن ڪروڙين روپين جون گاڏيون خريد ڪيون.
ذريعن موجب 24 ڪروڙ ماليت جون خريد ڪيل پندرنهن سئو سي سي هنڊا سٽي 25 گاڏيون وفاقي وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽريز کي الاٽ ڪيون وينديون.
ناڻي کاتي جي ڪفايت شعاري ڪاميٽي طرفان هر قسم جي گاڏين جي خريداري تي پابندي لڳل آهي.
سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن ڪامران افضل نيون گاڏيون خريد ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.- Advertisement -
