تازه ترين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي،  بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ملاقات

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي،  بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي ڌماڪي بعد صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران بلوچستان ۾ امن امان، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن طرفان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ دهشتگردي جون ڪارروايون روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ هر پاڪستاني جي جنگ آهي،  جنگ ۾ رڳو ڪاميابي ئي پهريون ۽ آخري آپشن آهي، بلوچستان ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن، امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون