- Advertisement -
پاڪستان ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ ۾ شڪست ڏئي 22 سالن کانپوءِ سيريز کٽي نئين تاريخ لکي ڇڏي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪندي ميزبان ٽيم کي رڳو 140 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو.
نسيم شاهه، 3 شاهين شاهه آفريدي 3 حارث رئوف 2 ۽ محمد حسين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
قومي ٽيم 141 رنسن جو ٽارگيٽ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 27هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
اوپنر عبدالله شفيق 37 ۽ صائم ايوب 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته محمد رضوان 30 ۽ بابر اعظم 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي هوم گرائونڊ ۾ شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي.
پاڪستاني بالر حارث رئوف کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.- Advertisement -
