- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ورجينيا جي شهر نور فولڪ ۾ امريڪي نيوي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ هڪ تاريخي امن عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ 3 هزار سال پراڻو مسئلو جلد حل ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته حماس جو امن منصوبو زبردست آهي غزه ۾ جتي پهريان جنگ جاري هئي هاڻي ڳالهيون ٿي رهيو آهن ۽ سڀ ڌريون مفتق آهن ته ان امن منصوبي تي ڪنهن به قسم جي لچڪ جي ضرورت نه هئي.
هن چيو ته ڳالهين جو نتيجو ايندڙ ٻن کان 4 ڏينهن ۾ سامهون اچي سگھي ٿو ۽ ماڻهو تمام گھڻو خوش آهن.
امريڪي صدر موجب، منصوبي ۾ ڪجهه معمولي تبديلون ٿي سگھن ٿيون پر بنيادي اصولن تي سڀني جو اتفاق آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ان عمل جو حصو بڻجڻ تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته امريڪا کي امن سان جيئڻ ڏنو وڃي.
پنهنجي خطاب ۾ صدر ٽرمپ امريڪي فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته امريڪي فوج دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج آهي ۽ امريڪي نيوي سيل کان وڌيڪ ڪير به سخت جان نه آهي.
صدر ٽرمپ حڪومت جي جزوي بندش (شٽ ڊائون) باجود فوجي اهلڪارن کي پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هو هر امريڪي فوجي لاءِ پگهارن ۾ برابر اضافي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شٽ ڊائون جو ذميوار ڊيموڪريٽ پارٽي کي قرار ڏيندي چيو ته ڊيموڪريٽس ريپبلڪن پارٽي جي ڪلهن تي ويٺل هڪ مَکِ جيان آهن.- Advertisement -
