- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته وڏين قربانين بعد حاصل ٿيل امن کي برقرار رکڻ سڀني جي ذميواري آهي، خطي کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائيندڙ عنصرن کان خبردار رهڻو پوندو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير عيد جو ڏهاڙو اتر وزيرستان ۾ گذاريو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف عيد ميران شاهه ۽ اسپين وام ۾ جوانن سان گڏ عيد ڪئي ۽ اڳين مورچن تي جوانن سان گڏجي عيد جي نماز پڙهي.
عيد نماز ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف قوم جي خدمت وارو جذبو رکندڙ جوانن جي واکاڻ ڪئ.
آرمي چيف کي پاڪ افغان بارڊر جي تازي صورتحال بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي، جڏهن ته کيس بارڊر سڪيورٽي جي قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي بارڊر سڪيورٽي قدمن بابت به آگاهه ڪيو ويو، جنرل عاصم منير امن ۽ استحڪام لاءِ فارميشن جي ڪردار جي به واکاڻ ڪئي.
آرمي چيف، شهيدن جي قربانين کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.
جنرل عاصم منير ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي وارن قدمن جي به واکاڻ ڪئي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته وڏين قربانين بعد حاصل ٿيل امن کي برقرار رکڻ سڀني جي ذميواري آهي.
هن چيو ته خطي کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائيندڙ عنصرن کان خبردار رهڻو پوندو.
جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج جا جوان قوم جي خدمت لاءِ پيشوراڻا فرض سرانجام ڏيندا رهن.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي…- Advertisement -
