سنڌ پوليس ۽ نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽس پاران هڪ ٻئي سان سهڪار وڌائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
نيويارڪ پوليس طرفان سنڌ پوليس کي جديد تربيت ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان نيويارڪ پوليس جي مختلف ڪيڊرز جي آفيسرن جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، نيويارڪ وفد جي سربراهي پي اي ايل ايس جي صدر احمد خليل ڪئي، جڏهن ته وڏي وزير سان گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا گڏ هئا. نيويارڪ پوليس جي وفد وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته هنن مختلف ماڻهن ۽ پوليس ڪيڊرز سان ملاقاتون ڪيون آهن، نيو يارڪ ۽ ڪراچي ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي. نيويارڪ پوليس جي وفد وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪرائيم ڪندڙ 10 سيڪڙو هوندا آهن جيڪي 90 سيڪڙو آبادي خلاف ڪرائيم ڪندا آهن، هن رويي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪرائيم ڪندڙن کي ڄاڻ هجي ته مٿن نظر آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نيويارڪ پوليس جيان هاڻي سنڌ پوليس به ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهي آهي. نيو يارڪ پوليس جي وفد وڏي وزير کي آڇ ڪئي ته هو سنڌ پوليس ۽ آفيسرن کي ٽريننگ ڏئي سگهن ٿا. وڏي وزير مراد علي شاهه نيويارڪ پوليس وفد جا آڇ ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته نيويارڪ پوليس سان ٽريننگ سسٽم جو جائزو وٺي. اجلاس ۾ طئي ٿيو ته ٻئي پوليس کاتا هڪٻئي سان سهڪار وڌائيندا. وڏي وزير وفد جي سي ايم هائوس اچڻ ۽ پنهنجي پوليسنگ جو تجربو شيئر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي، خطي جي صورتحال سبب ڪراچي هدف رهيو آهي. هن چيو ته هڪ دور هو جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، سندن پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شهر ۾ امن لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ ڪراچي پرامن شهر آهي، هاڻي رڳو اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي جنهن جو جلد خاتمو ڪيو ويندو، اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ رپيٽ ڪرمنلز خلاف قانونسازي ڪري رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه نيويارڪ پوليس جي آفيسرن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
28%
2.6m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون