- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
وڏي وزير قيدين جي سزا ۾ 120 ڏينهن جي معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
سزا ۾ گهٽتائي جي منظوري آءِ جي جيل، جي درخواست تي ڏني وئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته معافي قتل، جاسوسي، بغاوت ۽رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته مالي گهوٻين ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جي ڪيسن ۾ سزا ٻڌايل قيدي به معافيءَ جا حقدار ناهن.
وڏي وزير چيو ته چيو ته زيادتي، اغوا، ڦر ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث قيدين جي سزا به گهٽ نه ٿيندي.
آءِ جي جيلز موجب وڏي وزير کي قيدين جي سزا معاف ڪرڻ جو خاص اختيار حاصل آهي- Advertisement -
