تازه ترين

وڏي وزير مراد علي شاهه عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير قيدين جي سزا ۾ 120 ڏينهن جي معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سزا ۾ گهٽتائي جي منظوري آءِ جي جيل، جي درخواست تي ڏني وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته معافي قتل، جاسوسي، بغاوت ۽رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته مالي گهوٻين ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جي ڪيسن ۾ سزا ٻڌايل قيدي به معافيءَ جا حقدار ناهن. وڏي وزير چيو ته چيو ته زيادتي، اغوا، ڦر ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث قيدين جي سزا به گهٽ نه ٿيندي. آءِ جي جيلز موجب وڏي وزير کي قيدين جي سزا معاف ڪرڻ جو خاص اختيار حاصل آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون