- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڏين ۽ ننڍين گاڏين جي ڊرائيورن لاءِ رينڊم ڊرگ ٽيسٽ لازمي قرار ڏيندي ڪراچي ۾ هيوي ٽرانسپورٽ گاڏين لاءِ رفتار جي حد 30 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته کيس شهر ۾ روڊ حادثن جي وڌندڙ تعداد تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، هو روڊ حادثن جي روڪٿام چاهي ٿو، ٽريفڪ ۽ ضلعي پوليس کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
وڏي وزير چيو ته سڀني ڳرين گاڏين جي ڊرائيورن جي لائسنس جي جاچ ڪئي وڃي، سڀني هيوي ۽ ننڍين گاڏين ۽ پبلڪ سروس گاڏين ۾ ٽريڪر ۽ ڊيش ڪيم لڳائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي..
سندس چوڻ هو ته سڀني وڏين ۽ ننڍين گاڏين ۾ انڊر رن پروٽيڪشن ڊوائيسز جي انسٽاليشن لازمي آهي، پاڻي جا ٽينڪر جيڪي ليڪ ٿين ٿا يا بفل پليٽن کانسواءِ آهن، انهن کي روڊن تي هلڻ کان منع ڪيو وڃي.
مراد علي شاهه چيو ته رد ٿيل فٽنيس سرٽيفڪيٽ واريون گاڏيون ضبط ڪيون وينديون، ٻيهر اجازت ٽرانسپورٽ کاتي جي تابع هوندي.
وڏي وزير پاران شفاف اي-ٽڪٽنگ لاءِ فيس ليس آٽوميٽڪ نظام متعارف ڪرائڻ جي به هدايت ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي، ايڪسائيز، لائسنسنگ اٿارٽي، ٽريفڪ پوليس ۽ نادرا کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو، ٽريفڪ قانونن جي اثرائتي ۽ مربوط عملدرآمد کي ممڪن بڻايو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو کي ٻيهر منظم ڪيو ويندو ۽ ڪراچي جي ميئر جي اختيار هيٺ آندو ويندو.
وڏي وزير ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ کان اڳ عالمي معيار جي تربيت لازمي قرار ڏيندي لائسنس هولڊرز لاءِ ڊي ميرٽ پوائنٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ سميت غير قانوني نمبر پليٽن، رنگين شيشن، غير مجاز هارن ۽ لائيٽن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.
سيد مراد علي شاهه هيلمٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل هلائڻ، ٽرپل سواري ۽ غير محفوظ موٽرسائيڪل هلائڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي جو به حڪم ڏيندي فيصلن تي فوري طور تي عملدرآمد لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي ۽ آءِ جي پوليس ذاتي طور تي انهن جي نگراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سندس چوڻ هو ته انساني جانين جو نقصان برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، حادثن ۾ ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ٿي رهيون آهن.- Advertisement -
