تازه ترين

وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻو پوندو، ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي؛ عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻو پوندو، ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي، وڻ زندگي جي علامت آهن، وڻ آهن ته هو آهن، دنيا کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ وڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته اسلام آباد هڪ شهر ئي نه پر دنيا جو خوبصورت شهر آهي، مارگلا جبل اسلام آباد جي خوبصورتي ۽ سڃاڻپ آهن، ٻين شهرن جي هوا گدلي ٿي چڪي آهي، اسلام آباد جي هوا جي ڪوالٽي هاڻي اهڙي ناهي رهي جهڙي 10 سال اڳ هئي. سندس چوڻ هو ته وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻو پوندو، ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي، وڻ زندگي جي علامت آهن، وڻ آهن ته هو آهن، دنيا کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته اڄ کان وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري رهيا آهن، جنهن جو سوشل ميڊيا تي به مظاهرو ڪيو ويندو، سندن گهرن جي ڇتن تي به جاءِ هوندي آهي جتي ٻوٽا لڳائي سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جو ماحول کي نقصان پهچائڻ ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي، جنهن جي بدلي پاڪستان متاثر ٿيندڙ 98 سيڪڙو ماحول جي وڪڙ ۾ آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ڪورونا گهڻو سيکاريو آهي، ماحول کي صاف رکڻ جي ذميواري نڀايو ۽ هو سموري ڪابينا کي چوندو ته سڀ پنهنجي آفيس ٻاهران ٻوثا لڳائن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
1.7kmh
18 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون