- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي مڪراڻ ڪوسٽل هاءِ وي تي ايران کان ايندڙ پانڌيئڙن جي بس سان حادثي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 13 ٿي ويو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
مڪراڻ ڪوسٽل هاءِ وي بزي ٽاپ ويجهو ايران کان پنجاب ويندڙ پانڌيئڙن جي بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب کاهي ۾ ڪري پئي.
حادثي جي نتيجي 11 پانڌيئڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس، ليويز ۽ ٻين ادارن حادثي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو.
فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
ڪجهه زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي ويو جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 13 ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ايران کان ايندڙ بس پانڌيئڙن کي کڻي پنجاب وڃي رهي هئي.
پوليس موجب، پانڌيئڙن جو تعلق لاهور ۽ گوجرانوالا سان آهي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي- Advertisement -
