يهودي فوج جا هٿين خالي فلسطينين تي ظلم جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد

- Advertisement -
يهودي فوج جا هٿين خالي فلسطينين تي ظلم جاري آهن، بوريج ۽ المعازي پناهگير ڪيمپن تي حملن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب ديرالبلاح ۾ گھر تي بمباري ۾ 5 ۽ پناهگير ڪيمپن تي حملن ۾ 15 ڄڻن شهادت جو جام پيتو. ٻئي پاسي فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 182 زخمي ٿي پيا. فلسطيني اختيارين موجب شهيدن جو مجموعي انگ 36 هزار 586 ٿي ويو جڏهن ته 83 هزار 74 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي طبي سهولتن جي کوٽ سبب زخمين جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن. فلسطيني اختيارين عالمي برادري کان طبي خدمتن لاءِ غزه ۾ فوري فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ جو  مطالبو ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.5 ° C
11.5 °
11.5 °
44%
0.8m/s
100%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون