يهودي فوج فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي تيز ڪري ڇڏي

- Advertisement -
يهودي فوج فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي تيز ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسرائيل طرفان حماس جي نيول فورس جي سربراهه سميت 4 سينيئر ڪمانڊر شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي  ٽينڪن جي غزا شهر طرف تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي جنهن دوران  حماس ۽ يهودي فوج ۾ ڇتي ويڙهه هلندڙ آهي. غزا تي مسلسل بمباري  سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 350 فلسطيني شهري شهيد ٿيڻ بعد شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو ۽  22 هزار کان وڌيڪ زخمي، شهيدن ۾ 3 هزار 457 ٻارڙا، 2 هزار 136 عورتون ۽ 480 بزرگ شامل آهن. اسرائيلي حملن ۾ 124 طبي عملي جا ڪارڪن به شهيد ٿي ويا ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، اسرائيلي جيلن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ فلسطيني قيد آهن. اسرائيلي فوج رهائيشي عمارتن، اسڪول، اسپتال ۽ مسجدن کي نشانو بڻائي رهي آهي، وچ غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري سبب مسجد بلال بن رباح شهيد ٿيوئي، مسجد سان گڏ بي گهر  ۽ بي پناهه  بڻيل گهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، القدس اسپتال ويندڙ رستن کي به تباهه ڪيو ويو . انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس مسلسل بند هجڻ سبب 23 لک ماڻهن جو دنيا سان رابطو بحال نه ٿي سگهيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.3 ° C
13.3 °
13.3 °
30%
1.4m/s
0%
ڇنڇر
13 °
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
23 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون