تازه ترين

يوسف رضاگيلاني شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ بعد ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت

- Advertisement -
سينيٽ چيئرمين يوسف رضاگيلاني شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي پهچي چادر چاڙھي حاضري ڀرڻ بعد ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ادبي ڪانفرنس جي صدارت پڻ ڪئي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هن کي اھا وڏي سعادت نصيب ٿي آھي جو هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ ۾ لطيفي ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو، هن چيو ته سموري ملڪ جي عوام کي ان تي عمل ڪرڻ گھرجي ته جيئن سندن زندگين ۾ تبديليون اچن ۽ پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري سان زندگي گذاري سگھون. ادبي ڪانفرنس ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه، مدد علي سنڌي، اياز لطيف پليجو، منور مھيسر ۽ ٻيا اديب دانشور ليکڪ موجود ھئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون