تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

يونيسڪو جي سهڪار سان جلد مڪليءَ جي مقبرن ۽ موهن جي دڙي جي تاريخي هنڌن جي تحفظ تي ڪم شروع ڪيو ويندو : ذوالفقار علي شاهه

ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته يونيسڪو جي سهڪار سان جلد مڪليءَ جي مقبرن ۽ موهن جي دڙي جي تاريخي هنڌن جي تحفظ تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

سيد ذوالفقار علي شاهه سان گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم جي ٻه رڪني وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مشهور آڪيالاجسٽ ڊاڪٽر ڪرسٽينا ۽ جواد شامل هئا.

ملاقات  ۾ ثقافت وارو سيڪريٽري خالد چاچڙ، ايم ڊي سياحت فياض شاهه ۽ ڊائريڪٽر  آڪيالاجي عبدالفتاح شيخ موجود هئا.

وفد سيد ذوالفقار علي شاهه کي ثقافت ۽ سياحت جي وزارت سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون، ملاقات دوران عالمي ورثو قرار ڏنل مڪلي جي تاريخي مقبرن جي تحفظ واري پراجيڪٽ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ڊاڪٽر ڪرسٽينا جو چوڻ هو ته دنيا ۾ عالمي ورثو قرار ڏنل ورثن ۾ مڪلي جا مقبرا به وڏي اهميت رکن ٿا، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي ورثن پنهنجي تهذيت ۽  ثقافت ذريعي پوري دنيا  جو ڌيان ڇڪايو آهي.

ان موقعي تي سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته يونيسڪو جي سهڪار سان جلد مڪليءَ جي مقبرن ۽ موهن جي دڙي جي تاريخي هنڌن جي تحفظ تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

هن چيو ته يونيسڪو جي سهڪار سان ڀنڀور اندر واٽر هيريٽيج ايڪسپلوريشن پراجيڪٽ تي به ڪم شروع ڪيو ويندو.

ذوالفقار علي شاهه چيو ته منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي مشهور ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيو وينديون.

صوبائي وزير، وفد کي موهن جي دڙي مان ملندڙ نوادرات جا نقل ۽ ٽوپي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
26 %
1.9kmh
5 %
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
36 °

تازه ترين خبرون