- Advertisement -
ٺارو شاهه ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نينگر مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
وڳٺ مٺو سولنگي گهر اڻبڻت تان 15 سالن جي علي سولنگي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
والد جو چوڻ هو ته پيسن تان ڀائرن ۾ منهن ماري ٿي هئي، جنهن تان پٽ ڪاوڙ ۾ اچي انتهائي قدم کنيو.
نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
