- Advertisement -
ٺارو شاهه ۾ پورهيت مبينا طور بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
ڳوٺ ڪنب سـولنگي ۾ پورھيت راجا سولنگي مبينا طور بيروزگاريءَ سبب زھريلي دوا پي زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پورهيت راجا سولنگي جو لاش گھر پھچڻ تـي ڪھرام مچي ويو.
نوجوان جـي والد مختيار سولنگي ٻڌايو ته ست مھينا اڳ پٽ جي شادي ڪرائي ھئي، هو بيروزگاريءَ سبب سخت پـريشان ھو جنھن سبب ھن اھڙو سخت قدم کنيو آھي….- Advertisement -
