تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٺل جي ناري سان آسيا کوسو سان پوليس اهلڪارن طرفان اجتمائي لڄالٽ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ڇهه ئي اهلڪار ڏوهي قرار، ڪيس داخل

- Advertisement -
ٺل ۾ ناري آسيا کوسو سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي جي حڪمت تي انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ جاچ بعد اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪارن کي ڏوهي قرار ڏنو. ناري آسيا کوسو جي ڏاڏيِ نور خاتون جي فرياد تي آرڊي 44 ٿاڻي تي ڇهن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ اي ايس آءِ محراب سندراڻي، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالنبي سامت، چار سپاهي غلام ياسين جکراڻي، خادم حسين جکراڻي، مير حسن بمبل ۽ برڪت جکراڻي کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو. ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ڳڙهي حسن ٿاڻي تي ميڊِا سان ڳاللهائيندي چيو ته جاچ بعد ثابت ٿيو ته ڇهن پوليس اهلڪارن ناري آسيا کوسو سان اجتماعي ڏاڍائي ڪئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڇهن ئي پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي جي حڪمت تي انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ فرضن جي ادائگي ۾ غفلت تي لاڳاپيل ايس ايڇ او کي به معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورن اهلڪارن خلاف سخت کاتي واري ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. جاويد عالم اوڍي چيو ته متاثر ناري کي ضروري قانوني مدد سميت مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پوليس جي وردي ۾ ڪاري رڍن جي کاتي ۾ ڪابه جاءِ ناهي. هن چيو ته قانون کان مٿانهون ڪوبه ناهي، ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي، پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ آهي، اهڙن عنصرن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
56 %
1kmh
28 %
اربع
11 °
خميس
13 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون