ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته معظم نوناري جي خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ شٽربند هڙتال ڪري وارثن ۽ مختلف ڌرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ وارثن سميت ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز بعد معظم نوناري جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
دڪاندار معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا جڏهن ته مقتول دڪاندار جي وارثن ۽ مختلف ڌرين پاران رهبر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار حافظ معظم نوناري کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.
هنن چيو ته پوليس شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حافظ معظم نوناري جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.


