تازه ترين

ٺٽي ۾ سي آئي اي پوليس ڪارروائي ڪري 50 لک روپين جي ماليت جو گٽڪو ۽ ٻيو سامان هٿ

- Advertisement -
ٺٽي ۾ سي آئي اي پوليس ڪارروائي ڪري 50 لک روپين جي ماليت جو گٽڪو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي آئي اي پوليس ٺٽو جي انچارج عبدالله ٻرڙو ٻڌايو تھ ناڪابندي دوران هڪ ڊمپر جي چيڪنگ دوران 3 سئو ٻوريون سوپاريون ۽ تيار گٽڪو هٿ ڪيو ويو. ھن چيو تھ ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن وحيد الله پٺاڻ ۽ ذاڪر الله پٺاڻ کي گرفتار ڪيو ويو، جڏھن تھ مک جوابدار اڪرام الله پٺاڻ ۽ عبدالجبار پٺاڻ فرار ٿي ويا. ڊي ايس پي ٺٽو لياقت جسڪاڻي چيو تھ ٺٽي جي تاريخ ۾ سي آئي اي پوليس جي سڀ کان وڏي ڪارروائي آھي، 39 سئو ڪلو سوپاريون ۽ گٽڪو ھٿ ڪيو ويو. ھن چيو تھ باجوڙ سان تعلق رکندڙ منشيات فروشن ڪراچي کان ٺٽي سميت ٻين علائقن ۾ گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سپلائي ڪندا ھئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
8 %
5.3kmh
10 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون