تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٻارڙا قوم جو اثاثو آهن، نينگري فاطمه ڦرڙو قتل جهڙا واقعا افسوسناڪ آهن،مهرين ڀٽو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو آهي ته ٻارڙا قوم جو اثاثو آهن، نينگري فاطمه ڦرڙو قتل جهڙا واقعا افسوسناڪ آهن، فاطمه سان پيش آيل واقعي تي سڄي قوم ڏکيويل آهي، پ پ ڏک جي گهڙي ۾ متاثر خاندان سان گڏ بيٺل آهي، پيپلز پارٽي انصاف جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندي.

 اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو راڻيپور جي حوالي ۾ مبينا تشدد دوران قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.

ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، نينگري فاطمه ڦرڙو جي والدين سان ملاقات ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.

اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو فاطمه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت به ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو سان ظلم ٿيو آهي ساڻس هر صورت ۾ انصاف ٿيندو هو سندس وارثن سان گڏ آهن.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ڏک جي گهڙيءَ ۾ فاطمه ڦرڙو جي خاندان سان گڏ بيٺل آهي، هوءَ فاطمه جو ڪيس هر فورم تي پاڻ وڙهندي.

سندس چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ هر فورم استعمال ڪيو ويندو، پ پ انصاف جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندي.

اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار گرفتار آهي، حنا شاهه ضمانت حاصل ڪئي آهي، نينگري جا والدين ڪنهن دٻاءَ ۾ نه اچن، مونيڪا لاڙڪ سميت جيڪي به نياڻيون قتل ٿيون آهن سندن جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
26 %
2.7kmh
5 %
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون