ڏهرڪي: مذهب تبديل ڪري شادي ڪندڙ عورت نڪ ۽ ڳلو ڪپي قتل

- Advertisement -
ڏهرڪي ۾ ٻه سال اڳ مذهب تبديل ڪري شادي ڪندڙ عورت کي تيز ڌار اوزار سان  نڪ ۽ ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي. ٻه سال اڳ مذهب تبديل ڪري شادي ڪندڙ عورت جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقول عورت جي مڙس وزير شيخ جو چوڻ آهي ته ٽي ڏينهن اڳ منظور شر ۽ قدير ڏهر کيس ٻڌي کڻي ويا هئا، اڄ واپس آيس ته زال جو لاش مليو آهي. هن چيو ته  سال اڳ ٻنهي جوابدارن تي گهر واريءَ سان زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ جو ڪيس به داخل ڪرايو هو. علائقي ۾ چوٻول آھن ته وزير شيخ پنهنجي زال کي قتل ڪري منظور شر ۽ قدير ڏهر کي ڦاسائڻ لاءِ ڊرامون ڪيو آھي . پوليس جو چوڻ آهي ته لاش  ٽي ڏينهن پراڻو  آهي، واقعي واري هنڌ تان  هڪ ڄڻي جي پيرن جا نشان مليا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
moderate rain
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
71%
3.4m/s
46%
اربع
20 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون