- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪرڻ گهرجي، ٻوڏ متاثرن جي معاملي تي بدمزگي افسوسناڪ آهي، پ پ چيئرمين، وفاقي سرڪار کان ٻوڏ رليف لاءِ ڳالهه ڪئي هئي، وفاقي وزيرن به ٻوڏ سٽيلن لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن جي حمايت ڪئي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 2022ع کانپوءِ پ پ چيئرمين ۽ وزيراعظم عالمي برادري کي متحرڪ ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان ٻوڏ متاثرن لاءِ زرعي ۽ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين آبادگارن لاءِ خصوصي مراعتون ڏيڻ جي اپيل ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري جي اپيل تي وفاقي سرڪار زرعي ۽ ڪلائمنٽ چينج ايمرجنسي لاڳو ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جا هو ذميوار نه آهن، عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هارين جي مدد ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ سرڪار آبادگارن جي مدد لاءِ سرگرم آهي.
مراد علي شاهه چيو ته پنجاب حڪومت به سٺيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سياست بعد ۾ به ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته ارسا جي خاتمي بابت ڪابه ڳالهه سامهون ناهي آئي، الله پاڪ جو شڪر آهي، سنڌ ۾ رڳو ڪچي جا علائقي پاڻي هيٺ آيا ۽ سمورا بند محفوظ رهيا، 2022ع جهڙي صورتحال نه ٿي، نقصان جا تفصيل جاري ڪيا ويندا.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻن صحافين امتياز مير ۽ طفيل حيدراڻي جي قتل تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، طفيل جي قتل جا تفصيل پوليس ڏنا آهن، ملوث ماڻهو جلد گرفتار ٿيندا.
مراد علي شاهه مقتول صحافين جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سان وفاقي وزيرن جي ملاقات ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي، صدر مملڪت سان هر ملاقات جو پنهنجو هڪ مخصوص سبب هوندو آهي.
وڏي وزيرمراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪي فور واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ثمر عوام تائين ضرور پهچندو.
هن چيو ته سنڌ سرڪار آبادگارن جي ڀرپور سپورٽ ڪري رهي آهي، سٺي ڳالهه آهي پنجاب سرڪار به آبادگارن کي سپورٽ ڪري پئي.
مينجمينٽ ايسوسي ايشن آف پاڪستان جي 25هين سالياني ڪنوينشن خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترقي لاءِ خانگي شعبي جو متحرڪ هئڻ ضروري آهي، خانگي شعبو معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، صحت جي شعبي ۾ سڌارن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته ترقي لاءِ انتظاميا ۽ فردي طاقت ٻئي ضروري آهن، سنڌ حڪومت اسڪلز جي بنياد تي معاشي سرگرمين جي حامي آهي، انتظامي سڌارا وڌائڻ لاءِ سنڌ سرڪار هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبي کي اسڪلز ۽ گڊ گورننس جو رول ماڊل بڻايو ويندو، ايم اي پي ترقي جون جيڪي منزلون طئي ڪيون آهن، اهي ساراهه جوڳيون آهن، هو ان شاندار ڪاميابي تي مينجمينٽ ايسوسي ايشن آف پاڪستان کي مبارڪ پيش ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ پيشواراڻي صلاحيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ميپ گذريل ڇهن ڏهاڪن کان رڌل آهي، ڪراچي ملڪ جو معاشي حب ۽ سنڌ جي مٿي جو تاج آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو پنهنجي قومي ۽ صوبائي سفر ۾ انتهائي اهم موڙ مان گزري رهيا آهن، معاشي، ماحولياتي ۽ انفرا اسٽرڪچر جهڙن چئلينجن کي منهن ڏين پيا.
مراد علي شاهه چيو ته سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري ڪاميابي ۽ بلندي طرف وڌڻو آهي، جديد دنيا ۾ هر ملڪ ٻئي مان اڳڀرو ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ آهي.
هن چيو ته رڳو وسيلن تي ڀاڙڻ ڪافي نه هوندو، ڪامياب ۽ جٽادرا ترقي لاءِ انساني سيڙپڪاري کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪرڻو پوندو، سسٽم جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ۽ تيزي آڻڻي پوندي.- Advertisement -
