ٻيون سياسي پارٽيون دشمني ۽ مفادن لاءِ اليڪشن پيون وڙهن: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي  ته ٻيون سياسي پارٽيون دشمني ۽ مفادن لاءِ اليڪشن پيون وڙهن، هو عوام خاطر ميدان ۾ آهن، عوام پيپلزپارٽيءَ کي چونڊن ۾  ڪامياب ڪري پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون، جيالا عوام کي ٻڌائن ته پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪري. ميهڙ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيالو ميئر آندو، هاڻي جيالي کي وزيراعظم بڻائي ڏيکاريندا. هن چيو ته نوشهروفيروز ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيالا عوام کي ٻڌائن ته اهي پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن، چونڊن ۾ مقابلو شيهن ۽ تير ۾ آهي. هن چيو ته پ پ جي حڪومت  آئي ته پورهيت، هاري ۽ يوٿ ڪارڊ آندا ويندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوشهروفيروز لاءِ خاص پلان آهي، ٻوڏ سبب ضلعي ۾ وڏو نقصان ٿيو، عوام سندس ساٿ ڏي، گهر ٺاهڻ وارو منصوبو سنڌ ۾ شروع  ٿي چڪو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته 20 لک گهر ٺاهي ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏئي رهيا آهن، 50 سيڪڙو تعليمي ادارا ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا، انهن جي مرمت ڪرائي ويندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوشهروفيروز ۾ يونيورسٽي ناهي، اتي يونيورسٽي ٺاهي ويندي، اين آءِ سي وي ڊي به قائم ڪئي ويندي ته جيئن عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي  سگهي. پ پ چيئرمين چيو ته اليڪشن ۾ عوام کيس 100 سيڪڙو سيٽون ڏياري، سندس واعدو آهي ته وزيراعظم بڻجي ڏهه نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.2 ° C
17.2 °
17.2 °
72%
0.3m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون