ٻٻرلوءِ ويجهو هٿياربند چوڪيدار کي يرغمال بڻائي مال جي واڙي تان 10 مينهون ڦري ويا
ٻٻرلوءِ ويجهو هٿياربند چوڪيدار کي يرغمال بڻائي مال جي واڙي تان 10 مينهون ڦري ويا، پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلي بعد هٿياربند 4 مينهون ڇڏي 6 مينهون ڪاهي ڪچي طرف فرار ٿي ويا.
ڳوٺ الله ڏنو شيخ ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن عابد شيخ جي واڙي تي ڪاهه ڪري چوڪيدار کي تشدد جو نشانو بڻائي 10 ڀلوڙ مينهون ڪاهي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي ڀاڳين ۽ پوليس چورن جو پيڇو ڪيو، چورن ۽ پوليس ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد چور 4 مينهون ڇڏي 6 مينهون ڪچي طرف ڪاهي فرار ٿي ويا.
شيخ برادري جا ماڻهو ۽ ٻيا ڳوٺاڻي ٿاڻي تي پهچي ويا، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو کان نوٽيس وٺي مينهون واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.









