تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٽرمپ جي باقاعده گرفتاري ۽ آزادي: امريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير جاري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ باقاعده گرفتار ۽ پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، 2020 جي اليڪشن مداخلت ڪيس ۾ اڳوڻي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي فـُلٽن ڪائونٽي جيل ۾ پيش ڪيو، امريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر جي قيدين واري تصوير به جاري ڪئي وئي.

فلٽن ڪائونٽي شيرف موجب، ٽرمپ جي آڱرين جا نشان به ورتا ويا، جڏهن ته جيل ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک ڊالر جي ضمانت ڪرائيندي هو پنهنجي قافلي سان گڏ روانو ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، پيشي جي موقعي تي اڳوڻي صدر دعوى ڪئي ته کيس ڪيس ۾ گھلڻ اصل ۾ 2024 ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ان جي کيس اميدوار ٿيڻ بڻجڻ کان روڪڻ جي ڪوشش آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، فوجداري ڪيس انصاف جو قتل آهي، وٽس 2020 جي اليڪشن کي چيلينج ڪرڻ جو پورو حق آهي.

ٽرمپ ڊسٽرڪٽ اٽارني جي طنز ڪندي چيو ته معاف ڪجو، هو گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ اٽلانٽا وڃڻ لاءِ به تيار آهي.

واضح رهي ته جارجيا اليڪشن ڪيس ۾ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهن 19 ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ شڪست کي بدلائڻ جي ڪوشش ۾ ملوث هجڻ جي الزامن کي منهن ڏئي رهيا آهن…..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
31 %
0.7kmh
100 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون