تازه ترين

ٽنڊي آدم ۾ ميونسپل ڪميٽي ملازم مال گاڏي هيٺان اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ٽنڊي آدم ۾ ميونسپل ڪميٽي ملازم مال گاڏي هيٺان اچي آپگهات ڪري ڇڏيو. جٺيا ڦاٽڪ وٽ ميونسپل ڪميٽي جي ملازم 50 ورهين جي اشرف مسيح گهريلو پريشانين سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مال گاڏي جي هيٺيان اچي زندگي جو انت آندو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته خميس ڏينهن به اشرف وياج جي قرض کان تنگ اچي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهرين کيس پڪڙي گهر روانو ڪيو هو پر ھن اڄ مال گاڏي هيٺان اچي زندگي جو انت آندو. ٻڌايو پيو وڃي اشرف مسيح کي 6 ٻارڙن جو اولاد هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
50 %
2.1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون