- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نه ٿيو ته آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام نه هوندو، هلندڙ مهيني ئي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي جو امڪان آهي، شيون ٻاهران گهرائڻ تي ڀاڙڻ سبب قرضن جي ادائگي لاءِ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، ماڻهو رشوت، ڪرپشن ۽ هيسائڻ جي خوف سبب ايف بي آر سان ڊيل نه ٿا ڪن.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي محمد اورنگزيب چيو ته هو هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ لاءِ پراميد آهن، سندن وٽ پنهنجي پروگرام لاءِ پنجن سالن جو وقت ناهي.
سندس چوڻ هو ته کين ايندڙ ٻن کان ٽن مهينن ۾ ڪم ڏيکارڻ شروع ڪرڻو آهي، شيون ٻاهران گهرائڻ تي ڀاڙڻ سبب قرضن جي ادائگي لاءِ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ماڻهو رشوت، ڪرپشن ۽ هيسائڻ جي خوف سبب ايف بي آر سان ڊيل نه ٿا ڪرڻ چاهن.
هن چيو ته کين قرضن جي ادائگي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نه ٿيو ته آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام نه هوندو.- Advertisement -
