- Advertisement -
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٽيڪنالاجي سبب دنيا ۾ ترقي جي رفتار تيز ۽ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، ايندڙ پنج سال ملڪي مسئلن جي حل تي فوڪس ڪرڻو پوندو، ملڪي ترقي لاءِ سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻو پوندو، پاڪستان جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، آبادي ۾ اضافي سان خوراڪ جي پيدوار ۾ اضافو ضروري آهي، ٻوڏ سبب انفرا اسٽرڪچر ۽ بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آهي، پاڪستان هر طرح جي وسيلن سان مالا مال آهي.
لاهور ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ٽيڪنالاجي سبب دنيا ۾ ترقي جي رفتار تيز ٿي آهي، پاڪستان جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، آبادي ۾ اضافي سان خوراڪ جي پيدوار ۾ اضافو ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻوڏ سبب انفرا اسٽرڪچر ۽ بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آهي، پاڪستان هر طرح جي وسيلن سان مالا مال آهي.
رٿابندي واري وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، ايندڙ پنج سال ملڪي مسئلن جي حل تي فوڪس ڪرڻو پوندو، ملڪي ترقي لاءِ سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻو پوندو.
احسن اقبال چيو ته خوراڪ ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ملڪي ترقي لاءِ عورتن کي هر شعبي ۾ نمائندگي ڏيڻي پوندي، پٺتي پيل طبقن جي مدد ڪرڻي پوندي.- Advertisement -
