تازه ترين

ٽي ٽي پي جي دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ملڪي سلامتي کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه اهم ناهي : خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري سگهجي ٿي، ٽي ٽي پي جي دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ملڪي سلامتي کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه اهم ناهي پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته افغانستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي ۽ سندن ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي سڪيورٽي صورتحال تي چين کي خدشا آهن. هن چيو ته آپريشن عزم استحڪام تحت سرحد پار موجود دهشتگردن جي پناهگاهن کي به نشانو بڻائي سگهجي ٿو، افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته آپريشن عزم استحڪام جو فيصلو تڙتڪڙ ۾ نه ٿيو پر ملڪ ۾ اهڙو سياسي ماحول موجود آهي جو سياسي جماعتون پنهنجي مفادن آڏو حڪومتي فيصلن کي اسپيس نه ٿيون ڏيڻ چاهين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
40 %
3.1kmh
52 %
آچر
28 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون