- Advertisement -
ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا خلاف ٻڙي تي آئوٽ ٿيڻ وارو پاڪستاني بيٽسمين اعظم خان ڀارت خلاف ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو ميچ اڄ نيويارڪ ۾ کيڏيو ويندو
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پنهنجي پهرين ميچ جي سپر اوور ۾ آمريڪا پاڪستان کي شڪست ڏني هئي جڏهن ته ڀارت پنهنجي پهرين ميچ ۾ آئرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي 11 رانديگرن کي فائنل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا خلاف ٻڙي تي آئوٽ ٿيڻ وارو پاڪستاني بيٽسمين اعظم خان ڀارت خلاف ميچ مان ٻاهر ٿي ويو، عماد وسيم کي اعظم خان جي جاءِ تي ٽيم ۾ جڳهه ملندي.
پاڪستان ٽيم ۾ ڀارت خلاف 4 فاسٽ بالر، ٻه آل رائونڊر، اسپنرز سان گڏ ميدان ۾ داخل ٿيندا.
ذريعن موجب ڪپتان بابر اعظم ۽ ڪوچ گيري ڪرسٽن اعظم خان تي اعتماد وڃائي ويٺا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف ميچ کان اڳ اعظم خان کي ٽيم جي نيٽ پريڪٽس ۾ هڪ به بال کيڏڻ جو موقعو نه مليو، هو پريڪٽس دوران اڪيلو کيڏندو رهيو.
ذريعن موجب ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ڀارت خلاف پاڪستان جي اننگز جي شروعات ڪندا.
ذريعن موجب ڀارت خلاف پاڪستان جي 11 رانديگرن ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان، عثمان خان، فخر زمان، افتخار احمد، شاداب خان، عماد وسيم، شاهين آفريدي، حارث رئوف، محمد عامر ۽ نسيم شاهه شامل آهن….- Advertisement -
