پارليامينٽ کانسواءِ ڪير به 26 هين آئيني ترميم ختم نٿو ڪري سگهي:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ کانسواءِ ڪير به 26 هين آئيني ترميم ختم نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ جي ڪابه بئنچ هجي، سڀني کي آئين ۽ قانون تحت ڪم ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ ۾ تبديلي اچي ٿي ته ساٿي ججن کي سولايون پيدا ڪرڻ گهرجن، هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي نيرن ۾ شرڪت ڪندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پيپلزپارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو نه ٿي رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجو مدو پورو ڪندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي ڪنهن به فيصلي تي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ گهرجي، هر ملڪ جي پنهنجي پرڏيهي پاليسي هوندي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪابه بئنچ هجي، سڀني کي آئين ۽ قانون تحت ڪم ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ ۾ تبديلي اچي ٿي ته ساٿي ججن کي سولايون پيدا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم پارليامينٽ کانسواءِ ڪوبه ختم نٿو ڪري سگهي، ڪو ٻيو ادارو 26هين آئيني ترميم ختم ڪندو ته ڪير به نه مڃيندو. پ پ چيئرمين چيو ته پيڪا ايڪٽ بابت ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا نمائندن سان صلاح مشورو ٿئي ها ته بهتر هو، هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي نيرن ۾ شرڪت ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيو پوليٽڪس جي لحاظ سان آمريڪا ۽ چين جون حالتون اوهان جي اڳيان آهن، چين جي صدر کي دعوت ملڻ بعد ڀارت طرفان نمائندگي به ضروري هئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي پنهنجي جاءِ تي قائم آهي، ملڪ جا ايٽمي اثاثا ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ذوالفقار علي ڀٽو جا تحفا ۽ بينظير ڀٽو جي امانت آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
27%
2.3m/s
6%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون