- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي جيل مان آزادي ۽ ڏيهه واپسي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي جيل مان آزادي ۽ ڏيهه واپسي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عافيه صديقي ۽ سندس آمريڪي وڪيل ڪلائيو سمٿ وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا.
درخواست ڏيندڙ جو وڪيل عمران شفيق ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل به عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوبائيڊن ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رحم جي اپيل رد ڪري ڇڏي، آمريڪا، پاڪستان سان قيدين جي آزادي واري معاهدي کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق رمارس ڏنا ته آمريڪا کين سندن اوقات ڏيکاري رهيو آهي، آمريڪا جي اڳوڻي صدر پنهنجي پٽ جي سزا معاف ڪري ڇڏي پر سندن قيدي کي آزاد نه ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير جي پرڏيهي دورن جي تفصيلن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.
آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي ڊاڪٽر عافيه صديقي سان لاڳاپيل ملاقاتن ۾ شرڪت نه ڪرڻ بابت به جواب جمع ڪرايو ويو.
پرڏيهي وزارت عدالتي سوالن جي جوابن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.
عدالت درخواست جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي- Advertisement -
