- Advertisement -
پاڪستاني فلمن ۽ ڊرامن جي ورسٽائل اداڪاره ماهرا خان ٻيو ڀيرو شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي.
پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سپر اسٽار ماهرا خان پنهنجي ويجهي دوست بزنس مين سليم ڪريم سان پرڻو ڪري ڇڏيو.
اداڪاره جي مينيجر انوشي طلحه خان، ماهره خان جي شادي جي ڏينهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جيڪا فوري طور تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪاره ماهره خان کي اڇي رنگ جو هڪ مهانگو لهنگو پهريل آهي ۽ هوءُ گهوٽ طرف هلي وڃي ٿي جڏهن ته سليم کي شيرواني پهريل آهي.
ماهره خان ان کان اڳ ناليواري فنڪاره ثمينه پيرزاده سان گڏ هڪ خاص ڳالهه ٻولهه ۾ سليم ڪريم سان پنهنجي افيئر جي تصديق ڪري چڪي هئي.
سوشل ميڊيا تي اداڪاره ماهره خان جي وڊيو وائرل ٿيندي ئي مداحن سندس لاءِ دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار شروع ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
